بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

مڪلي ويجھو نينگر تي پوليس ڪانسٽيبل جو مبينا تشدد، احتجاج

سنڌي خبرون 27th Sep 2023 111 مناظر

پوليس ڪانسٽيبل سڪندر قريشي پٽ کي ڪمري ۾ بند ڪري تشدد ڪيو آھي: محمد ميربحر

ٺٽو(ڊر) مڪلي لڳ عبداللّه شاھ اصحابي ڳوٺ الھبچايو ميربحر جو رھواسي محمد ميربحر ۽ سندس پٽ محمد عُمير ميربحر ميڊيا اڳيان ڌانھندي چيو آھي تہ ڪالھ منھنجو پٽ عُمير ابو ميربحر سان راند کيڏي رھيو ھو تہ ھڪ بدمست پوليس ڪانسٽيبل سڪندر قريشي منھنجي پٽ عُمير کي بلاجواز ڪمري ۾ بند ڪري مارڪٽ ڪئي آھي،جنھن جي جسم تي لٺين جا نشان ٺھي ويا آھن ھنن چيو تہ پوليس جي وردي جي طاقت تي اسان کي ڌمڪيون ۽ داٻا ڏئي رھيو آھي، اسان غريب ماڻھون آھيون اسان کي سڪندر قريشي پوليس واري مان جاني خطرو آھي،ھنن آئي جي سنڌ،ڊي آئي جي حيدرآباد،ايس ايس پي ٺٽو،۽ ايس ايڇ او مڪلي کان مطالبو ڪندي چيو آھي تہ بدمست پوليس ڪانسٽيبل سڪندر قريشي خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ