بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير ويجهو مسجد جي پيش امام کان هٿيارن جي زور تي ڦر

سنڌي خبرون 23rd Dec 2024 149 مناظر
ملير ويجهو مسجد جي پيش امام کان هٿيارن جي زور تي ڦر
ملير (ڊر )ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهي وارداتن تي ضابطو اچي نه سگهيو ڏينهن ڏٺي جو ميمڻ ڳوٺ لڳ حيدر شاھ درگاھ ويجهو نامعلوم ڦورو مسجد جي پيش امام مولانا شاهجهان نعيمي کان موٽر سائيڪل موبائيل فون ۽ قيمتي سامان سامان ڦر ڪري فرار ويا، متاثر شهري ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي پهچي ويو انصاف ڏيارڻ جي گهرمتاثر شهري مسجد جي پيش امام مولانا شاهجهان نعيمي چيو ته هو مسجد مان منجهند جي نماز پڙهائي واپس گهر اچي رهيو هو ته درگاھ حيدر شاھ ويجهو موٽر سائيڪل سوار نامعلوم هٿياربند جوابدار کائنس نئي خريد ڪيل موٽر سائيڪل موبائيل فون سميت ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، هن ايس ايس پي ملير کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪندي چيو ته کيس ڦر ٿيل سامان واپس ڏياريو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ