بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽي مان مبينا اغوا بعد گهر پهتل نينگر عدالت پهچي ويو، امڙ تي الزام

سنڌي خبرون 30th Oct 2023 296 مناظر

امڙ ڌارين ماڻهن هٿان اغوا ڪرايو هو: نينگر جا الزام

ٺٽي مان 3 ڏينهن اڳ مبينا اغوا بعد گهر پهتل نينگر سيشن ڪورٽ پهچي ويو، نينگر ازهاد سومرو جي پهچڻ بعد سندس امڙ به پهچي وئي جيڪا کيس بيان ڏيڻ کان روڪيندي رهي، نينگر جو چوڻ آهي ته مونکي رات جو منهنجي والده ڌارين ماڻھن هٿان زبردستي اغوا ڪرايو، جوابدار ڪار ۾ ڪينجهر کڻي ويا جتي تشدد جو نشانو بڻائي پوليس وٽ اغوا نه ٿيڻ جو بيان ڏياريو، منهنجي والده غلط بياني ڪري رهي آھي، اغوا وارو واقعو سچو هو، سي سي ٽي وي ڪئميرائن واريون وڊيوز حقيقي آھن، والد وٽ وڃڻ نٿو چاهيان، نينگر جو چوڻ آهي ته والدين ۾ طلاق ٿي وئي آهي، والده ذميواري کڻي ته ٺيڪ نه ته عدالت مون کي تحفط ڏياري...
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ