جمعرات، 08 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول ۾ نئين مقرر ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ جي ڊي سي سان تعارفي گڏجاڻي

سنڌي خبرون 03rd Aug 2023 234 مناظر

گڏجاڻي ۾ حاجي خميسو خواجا،ڊاڪٽر قمرالدين ٻارڻ، ڊاڪٽر انور ميمڻ، دائود امر ميمڻ به موجود هئا

سجاول (رپورٽر) نئي ايندڙ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ پاران ڊي سي سجاول سان تعارفي گڏجاڻي ڊي سي سجاول طاھر علي ميمڻ کي ڊي ايڇ او سجاول ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ حاجی خمیسو خواجہ سابق اي ايم ايس لال بتي حيدرآباد ڊاڪٽر قمرالدين ٻارڻ. ڊاڪٽر انور ميمڻ دائود امر ميمڻ کين لونگیون پارائیون ساڻن گڏ سابقہ ڊي ايڇ او سجاول ڊاڪٽر شھناز خواجہ ڊبليو ايڇ او سجاول جو ڊاڪٽر اعجاز خواجہ ڊاڪٽر منظور ميمڻ اين اسٽاف پڻ موجود ھیا. ڊي سي سجاول محترم طاھر علي ميمڻ ڊي ايڇ او سجاول کي يقین ڏياريندي چيو تہ سجاول ضلعي لا۽ صحت جي سھولتن کي بھتر ڪرڻ خاطرگڏجي ڪم ڪنداسون ھتان جي غريب عوام جو آھي ھتي پورھيت طبقو رھي ٿو انھن جي خدمت ڪرڻ کي پنھنجو ايمان سمجھون ٿا. انھي موقعي تی ڊي ايڇ او سجاول کيس ويلڪم ڪندي چيو تہ سائين توھان جھڙي بھتر آفيسرن جو اسان سان سھڪار رھيو تہ انشااللہ سجاول ضلعي جي عوام کي صحت جو ن بھتر سھولتون فراھم ڪندا رھندا سین
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ