بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪراچي جي گلشن معمار ۾ شهرين ٻن مبينا ڦورن کي پڪڙي ورتو، تشدد بعد پوليس حوالي

سنڌي خبرون 23rd Jul 2023 177 مناظر

شهري فريد الله کان ڦر ڪندڙ نظير ۽ محمد عامر کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو: شهري

گڏاپ (رپورٽر)ڪراچي گلشن معمار ڀرسان شھرين مڙسي ڪري ٻن ڦورون کي پڪڙي وڌو. سخت تشدد کانپوءِ ٻنھي ڏوھارين کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس گرفتار جوابدارن کان ڦر ٿيل سامان موبائل فونون. ڪيش روڪ رقم. پسٽل ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ڪيس داخل ڪري. زخمي ٻنھي ڏوھارين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب. ڪراچي ۾ شھري آئي ڏينهن ڦورون ھٿان لٽجڻ لڳا. جنھن کانپوء عوام روزانو لٽجڻ کان تنگ ٿي ڏوھارين کي پڪڙڻ شروع ڪري ڇڏيو. گلشن معمار ڀرسان عوام ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو. مقابلي کانپوءِ شھرين پنھنجي ھمت ۽ مڙسي ڪري ٻن ڏوھارين کي پڪڙي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جن جي سڄاڻپ نظير ولد ابراهيم. محمد عامر ولد ڪليم جي نالي سان ڪئي وئي آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدارن شھري فريد اللھ ولد سفير اللھ کان ڪيش روڪ رقم ۽ ضروري ڪاگذ ھٿيارن جي زور تي ڦر ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته شھرين مڙسي ڪري ٻنھي جوابدارن کي سوگھو ڪري تشدد جو نشانو بڻائي پوليس کي اطلاع ڏنو. بروقت پوليس پھچي ٻنھي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن وٽان شھري کان ڦر ڪيل سامان ڪيش روڪ رقم. موبائل فون. چوري ٿيل موٽر سائيڪل ۽ پسٽل ھٿ ڪري جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ