اتوار، 27 ستمبر 2026
بریکنگ

حيدرآباد جي وڪيلن پاران صحافي عبدالغفور سروهي کي يرغمال بڻائڻ جي مذمت

سنڌي خبرون 29th Apr 2026 325 مناظر
حيدرآباد جي وڪيلن پاران صحافي عبدالغفور سروهي کي يرغمال بڻائڻ جي مذمت

صحافي عبدالغفور سروهي کي بنا ڪنهن قانوني جواز جي يرغمال بڻائڻ اصل ۾ اغوا برابر آهي: عشر مجيد کوکر

حيدرآباد (رپورٽر) سينيئر صحافي عبدالغفور سروهي کي ڀٽائي نگر ٿاڻي تي يرغمال بڻائڻ واري واقعي خلاف حيدرآباد جي وڪيل برادري سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عشر مجيد کوکر، جنرل سيڪريٽري فضل قادر ميمڻ، سينيئر صحافي ۽ ايڊووڪيٽ عبدالوهاب منشي، پي ٽي آءِ لائيرز ونگ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسلم لغاري، صحافي عظمت الله ڪنڀر، ايڊووڪيٽ شاهد شمس ميمڻ، ايڊووڪيٽ ذوالفقار، ايڊووڪيٽ مير عاجز لاشاري ۽ ٻين چيو آهي ته صحافي عبدالغفور سروهي کي بنا ڪنهن قانوني جواز جي يرغمال بڻائڻ اصل ۾ اغوا جي برابر عمل آهي. هنن چيو ته ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي نگراني هيٺ اهڙو غيرقانوني قدم کڻڻ انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن سان صحافتي آزادي ۽ قانون جي بالادستي تي سوال اٿيا آهن. وڪيل اڳواڻن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ترت ڪارروائي ڪئي وڃي. وڪيلن وڌيڪ چيو ته صحافي عبدالغفور سروهي سان مڪمل قانوني سهڪار ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته گڏيل احتجاجي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ