جمعرات، 08 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪنري پوليس پاران ڦورن جي گروهه جو وڌڪ هڪ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 18th Aug 2025 164 مناظر
ڪنري پوليس پاران ڦورن جي گروهه جو وڌڪ هڪ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ڪنري سي آئي سي ۽ ڪنري پوليس جي گڏيل ڪاروائي، بين الصوبائي ڦورون جي گروھ جو وڌيڪ هڪ جوابدار گرفتار، پوليس اهلڪار کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل برآمد سي آئي اي عمرڪوٽ انچارج خليل ڪنڀار جي ڪنري ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪئي پوليس ڪاروائي ۾ بين الصوبائي ڦرون ڪندڙ گروھ جي وڌيڪ ھڪ ڄڻي ميزان ڪالرو کي گرفتار ڪيو آھي. خليل ڪنڀار گروھ جا 2 جوابدار امان الله مگسي ۽ سومار شر اڳ ئي پوليس حراست ۾ آھن. سي آئي اي انچارج جوابدارن 12 ڏينھن اڳ ٻسٽان مان دڪاندار راجيش مالهي جي دڪان تان ڦر ڪئي هئي. پوليس ساڳي جوابدارن ٽنڊوغلام حيدر مان پوليس اهلڪار امام بخش کان 125 موٽرسائيڪل پڻ ڦر ڪئي هئي. پوليس جوابدارن خلاف ڪنري، ٽنڊوغلام حيدر، ميرپورخاص ۾ ڪيسز پڻ داخل ٿيل آھن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ