بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

گلشنِ حديد ۾ اخباري اسٽال وٽ گندگي جا ڍير، انتظاميه ننڊ سُتل

سنڌي خبرون 05th Jan 2026 338 مناظر
گلشنِ حديد ۾ اخباري اسٽال وٽ گندگي جا ڍير، انتظاميه ننڊ سُتل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گلشنِ حدید فيز ٽو ۾ ايل ست مارڪيٽ ويجهو اخباري اسٽال پويان گذريل ٻن سالن کان گندگي جا ڍير لڳل آهن، جنهن سبب علائقي جا رهواسي، واپاري ۽ اخبار خريد ڪندڙ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. سخت تعفن ۽ بدبو سبب اتي ڪجهه منٽن لاءِ بيهڻ به ڏکيو بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري واپاري سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن. اخباري اسٽال جي پويان جانورن جون کلون ۽ ڪچرو ڊگهي عرصي کان پيل آهي، جنهن سبب علائقي ۾ شديد بدبو پکڙيل آهي. اخباري هاڪر ٻڌايو ته گندگي سبب نه صرف پنج منٽن لاءِ بيهڻ مشڪل آهي، پر اخبارن جي وڪري تي به خراب اثر پئجي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن سنگين صورتحال بابت ڪيترائي ڀيرا گلشنِ حدید انتظاميا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن کي گندگي جي نيڪالي لاءِدرخواستون ڏنيون ويون، پر اڃا تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي.متاثر شهرين ۽ واپارين ڪراچي جي ميئر سميت مقامي بلدياتي نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور هن مسئلي جو نوٽيس وٺي صفائي جا انتظام يقيني بڻائين، ته جيئن علائقي کي هن مستقل اذيت کان ڇوٽڪارو ملي سگهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ