بدھ، 21 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير جي هاشم مهر علي ڳوٺ جي باهه متاثرن جي ٻن ڏينهن تائين واهر نه ٿي

سنڌي خبرون 21st Oct 2026 2 مناظر
ملير جي هاشم مهر علي ڳوٺ جي باهه متاثرن جي ٻن ڏينهن تائين واهر نه ٿي

باهه ۾ 9 گهر سڙي ويا، عورتون، مرد ۽ معصوم ٻارڙا کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ جي هاشم مهر علي ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ سبب 9 گهر سڙي رک ٿيڻ واري واقعي کي ٻه ڏينهن گذري ويا پر متاثر ڳوٺاڻن جي واهر لاءِ چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا جو ڪو به نمائندو نه پهتو جنهن سبب متاثرين باهه ۾ پنهنجا گهر، گهريلو سامان، ڪپڙا، بسترا ۽ نياڻين جي شادين لاءِ گڏ ڪيل ڏاج جي سڙڻ سبب پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن متاثر خاندانن جون عورتون، مرد ۽ معصوم ٻارڙا بي گهر ٿيڻ کانپوءِ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، سندن چوڻ آهي ته ڏکئي وقت ۾ اڃا تائين کين ڪا سرڪاري امداد يا انتظامي سهائتا نه ملي آهي. سالن جي محنت سان گڏ ڪيل سامان ۽ گهرن کي باهه جي ور چڙهندي ڏسي متاثر خاندانن جون عورتون ۽ مائرون مدد جو منتظر آهن جڏهن ته نياڻين جي شادين لاءِ گڏ ڪيل ڏاج به سڙي رک ٿي ويو باهه متاثرن جي حالت جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏاپ ٽائون جو وائيس چيئرمين ڄام محمد جوکيو ڳوٺ پهتوجتي هن متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي کين هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي ۽ ضلعي انتظاميا جي متاثرن وٽ نه پهچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته باهه سبب سندن گهر ۽ زندگيءَ جي جمع پونجي تباهه ٿي وئي آهي، پر ٻن ڏينهن گذرڻ باوجود سندن واهر لاءِ انتظاميا جو نه پهچڻ سندن پريشانين ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. متاثر خاندانن کي هن وقت رهائش، کاڌي پيتي، ڪپڙن، بسترن ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي سخت ضرورت آهي، جڏهن ته عورتن ۽ معصوم ٻارڙن لاءِ کليل آسمان هيٺ وقت گذارڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي متاثر خاندانن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ملير، چونڊيل نمائندن ۽ فلاحي ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته باهه واري واقعي جو فوري نوٽيس وٺي کين هنگامي بنيادن تي امداد فراهم ڪئي وڃي، جيئن بي گهر ٿيل خاندانن کي عارضي رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ مالي سهائتا ملي سگهي ۽ هو پنهنجي زندگيءَ جو سلسلو ٻيهر شروع ڪري سگهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ