بدھ، 07 اکتوبر 2026
بریکنگ

پوليس پاران قومپرست ڪارڪن افضل لنڊ جا 2 قاتل گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 02nd Oct 2023 190 مناظر

فراز عرف آزاد کوسو ۽ اسد علي کوسو افضل لنڊ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي: ايس ايس پي سانگهڙ

ٽنڊوآدم پوليس پاران 22 ڏينهن اڳ قتل ٿيل قومپرست ڪارڪن ۽ ٽڪ ٽاڪر افضل لنڊ جي ٻن قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي سانگهڙ صدام خاصخيلي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جوابدار فراز عرف آزاد کوسو ۽ اسد علي کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن افضل لنڊ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدارن افضل لنڊ کي لون وٺڻ بهاني گهرائي قتل ڪيو هو، جوابدارن جو تعلق ڪي اين شاهه سان آھي، کين عدالت ۾ پيش ڪري3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ وٺي ڇڏيو آهي، جوابدارن وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل، هڪ پسٽل، 5 موبائل فونون ۽20 سم ڪارڊز هٿ ڪيا آهن، ايس ايس پي سانگهڙ جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي پئسا ڏئي افضل لنڊ کي ٽارگيٽ ڪلنگ وسيلي قتل ڪرايو ويو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ