بدھ، 30 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران عمرڪوٽ واقعي خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 26th Feb 2026 283 مناظر
نوشهروفيروز ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران عمرڪوٽ واقعي خلاف احتجاج

ساگر سھيل منگي فقير علي نواز سولنگي ، ايم ظفر تڳر ، اقبال راڄپر ۽ ٻين احتجاج ڪيو

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران عمرڪوٽ واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي سنڌ ساگر پارٽي جو ضلعي اڳواڻ ساگر سھيل منگي فقير علي نواز سولنگي ، ايم ظفر تڳر ، اقبال راڄپر، ممتاز سولنگي، مسرور چانڊيو، خادم حسین مري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن عمر ڪوٽ پوليس انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ظلم جي انتها آهي ڪيتري عرصي کان ويٺل سنڌ جي ڌرتيءَ جا وارث سولنگي برادري جا ماڻهو جن کي عمر ڪوٽ ضلعي انتظاميه پوليس ملي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن سميت مردن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو جنهن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن چيو ته سردار شاهه سميت ضلعي انتظاميه جي بي حسي تي سڄي سنڌ جا ساڃاهه وند ان عمل تي ڏکوئيل آھيون ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪريون ٿا ۽ ان وحشياڻي تشدد واري واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪجي ٿو ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ