بدھ، 07 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ ميونسپل ملازمن پاران ڪم ڇڏ ھڙتال ۽ احتجاجي مظاھرو جاري

سنڌي خبرون 16th Nov 2023 164 مناظر

نوشهروفيروز ۾ ميونسپل ملازمن پاران ڪم ڇڏ ھڙتال ۽ احتجاجي مظاھرو جاري

نوشهرو فيروز (ڊر)ميونسپل ڪميٽي نوشھروفيروز جي ملازمن پاران ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آھي. شهر جا اڪثر علائقا گندي پاڻي جي تلاء ۾ تبديل ٿي ويا آھن. گٽر اٿلڻ سبب سنڌ ڪالوني، پدعيدن روڊ، هيٺائين چونڪ سميت اڪثر علائقن جا روڊ ۽ گهٽيون گندي پاڻيءَ سان ڀرجي ويون آھن. جنھن سبب شهري عذاب ۾ مبتلا آھن اسڪولن آڏو به گندو پاڻي بيٺل آھي. ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن کي ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب هڙتال ڪري ڇڏي آهي. ھوڏانھن ملازمن جو احتجاج ٻارھين ڏينھن به جاري رھيو. ملازمن پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي اڳواڻن ڪشن راجا، مولابخش شيخ، نويد تڳر، ستار عمراڻي ۽ ٻين چيو ته پگھار نه ملڻ ڪري ملازم ڏياري جون خوشيون نه ملھائي سگھيا ۽ ملازم فاقا ڪشي جو شڪار ٿي ويا آھن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ