ملير: سنڌ جي امڪاني ورهاست خلاف پپري ۾ ريلي، پوليس ڪاهه، 5 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي امڪاني ورهاست ۽ سنڌ کي انتظامي طور ورهائڻ وارين تجويزن خلاف سنڌين نيشنل ڪانگريس پاران پپري ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. پوليس ڪارروائي کانپوءِ علائقو ڪجهه وقت لاءِ ميدان جنگ بڻجي ويو، جڏهن ته 5 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.سنڌين نيشنل ڪانگريس جي ڪارڪنن ۽ حامين پاران پپري ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاست خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيا، جن تي سنڌ جي وحدت ۽ سالميت جي حق ۾ ۽ ورهاست خلاف نعرا لکيل هئا احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ريلي پرامن طور ڪڍي پئي وئي، پر پوليس اوچتو ريلي تي ڪاهه ڪري ڏني، جنهن کانپوءِ صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن موجب پوليس لٺين جا وسڪارا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيا، جڏهن ته پوليس مبينا طور عورتن تي به تشدد ڪيو ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. سنڌين نيشنل ڪانگريس جي اڳواڻ سارنگ جويو چيو ته “اسان جي پرامن ريلي تي پوليس ڪاهه ڪئي آهي. عورتن سان به تشدد ڪيو ويو آهي. اسان سنڌ جي امڪاني ورهاست خلاف پرامن احتجاج ڪري رهيا هئاسين، اسان جو مقصد ڪنهن به قسم جي بدامني پيدا ڪرڻ نه هو.سارنگ جويو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به امڪاني قدم تي سنڌ جا ماڻهو پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا رهندا. هوڏانهن پوليس جو موقف آهي ته ضلعي انتظاميا طرفان سيڪشن 144 لاڳو ٿيل آهي، جنهن تحت ريليون، جلسا ۽ ٻين اجتماعي سرگرمين جي اجازت ناهي. پوليس موجب احتجاج ڪندڙن پاران قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، جنهن تي ڪارروائي ڪندي قانون هٿ ۾ کڻندڙ ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي جو مقصد امن امان برقرار رکڻ ۽ سيڪشن 144 تي عمل ڪرائڻ هو.واقعي کانپوءِ پپري ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ ڪجهه وقت لاءِ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي، جڏهن ته گرفتار ٿيل ڪارڪنن بابت وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري رکڻ جو پوليس پاران چيو ويو آهي. احتجاج ڪندڙ ڌر پوليس ڪارروائي، خاص طور عورتن سان مبينا تشدد، جي جاچ ۽ گرفتار ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.