بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول پوليس جي ھڪ ملين کان وڌيڪ ماليت جو گٽڪي جو سامان ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 13th Dec 2023 163 مناظر

سجاول پوليس جي ھڪ ملين کان وڌيڪ ماليت جو گٽڪي جو سامان ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ

سجاول (گلشيرميربحر) سجاول پوليس جي منشيات خلاف وڏي ڪاروائي ھڪ ملين کان وڌيڪ ماليت جي گھٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل ھٿ ڪري ٻن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو ,ايس ايس پي سجاول شھلا قريشي جي سخت ھدايتن بعد ايس ايڇ او دڙو ذوالفقار علي شر خفيه اطلاع تي نفري ساڻ دڙو ، بٺورو روڊ شير واھ ناڪي ويجھو ناڪا بندي دوران گھٽڪا مٽيريل سان ڀريل مزدا ٽرڪ نمبر.3187.JU کي روڪي ٽرڪ تلاشي دوران 937 ڪلو گرام سوپاري ۽ 4 ھزار گھٽڪا پڙيون ھٿ ڪري پنجاب جي علائقي راجن پور جي رھائشي ٻن منشيات فروشن ثناء الله لاشاري ۽ خآلد بلوچ کي گرفتار ڪري منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ