اتوار، 11 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير: اسسٽنٽ ڪمشنر پاران گلشن حديد ۾ قائم سپر مارٽ جو دورو

سنڌي خبرون 22nd Jan 2025 296 مناظر
ملير: اسسٽنٽ ڪمشنر پاران گلشن حديد ۾ قائم سپر مارٽ جو دورو
ملير (درياخان شر ) ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر سب ڊويزن بن قاسم انيس عباسي گلشن حديد ۾ قائم سپر مارٽ جو دورو ڪري کاڌي پيتي جي شين جا اگهه معلوم ڪيا،مقرر ڪيل هفتيوار اگهن کان وڌيڪ اگهن تي سبزي ڀاڄيون گوشت فروٽ کير اٽي دالين سميت ٻين کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وٺڻ تي جرمانو وصول ڪندي وارننگ ڏني، ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو جي جو چوڻ آهي ته ضلعي عام واهپي جي شين جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ روزاني جي بنياد تي ڪاروائيون جاري رهنديون هن چيو وڌيڪ وٺندڙ مارٽ انتظاميا توڙي دڪاندارن واپارين تي ڏنڊ لڳائي کين ٻيهر خلاف ورزي نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن خلاف ورزي جي صورت ۾ دڪان سيل ڪيا ويندا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ