بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ ميونسپل ملازمن جو پگھارن لاءِ احتجاج جاري

سنڌي خبرون 07th Nov 2023 209 مناظر

ٻن مھينن کان پگھارون نھ ملڻ سبب گھرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آھي: ملازم

نوشهرو فيروز (ڊر) ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن کي ٻن مھينن کان پگھار نه ملي سگھي آھي. پگھار نه ملڻ ڪرڻ ملازمن جي گھرن ۾ فاقاڪشي جھڙي نوبت اچي وئي آھي. پگھارون نه ملڻ خلاف ملازم سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن. ملازمن ميونسپل ڪميٽي وٽان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جيڪا پريس ڪلب نوشهروفيروز کان ٿيندي ڊي سي آفيس پھتي جتي ملازمن ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي اڳواڻن ڪشن راجا، مولا بخش شيخ، عمران راڄپر ۽ ٻين چيو ته پگھار نه ملڻ ڪري ملازم فاقا ڪشي جو شڪار آھن. ھنن چيو ته چيئرمين جي استعيفي بعد چارج وائيس چيئرمن کي ڏني ويندي آھي پر بلدياتي کاتي جي سيڪريٽري اڃا تائين ڪنھن کي به چارج ناھي ڏني. جنھن ڪري ملازم سخت پريشان آھن. ھنن چيو ته پگھار نه ملي ته پوءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ