ٺٽي ۾ به بي آءِ ايس پي ۾ ڊجيٽل سوشل پروٽيڪشن واليٽ جو آغاز
ضلعي ڊائريڪٽر طاھرہ پيچوهو مختلف مرڪزن جا اوچتا دورا ڪيا
ٺٽو(شفيق ڀٽي)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ضلعي ڊائريڪٽر طاھرہ پيچوهو ضلعي جي مختلف ادائگي مرڪزن ۽ ڊوائيس هولڊرن جا اوچتا دورا ڪيا، جتي هن مستحق عورتن سان ملاقات ڪري کين ادائگين بابت آگاهي ڏني ۽ سندن شڪايتون ٻڌيون.ان موقعي تي ڪيترين ئي عورتن ڊوائيس هولڊرن پاران وظيفي مان مبينا ڪٽوتين سان گڏ بي آءِ ايس پي جي مخصوص سم فراهم ڪرڻ وقت رشوت طلب ڪرڻ جون به شڪايتون ڪيون، جنهن تي طاھره پيچوهو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملي ۽ ڊوائيس هولڊرن کي واضح هدايت ڪئي ته ڪنهن به مستحق کان وظيفي يا سم جي فراهمي عيوض هڪ رپيو به غيرقانوني طور وصول نه ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڊوائيس مافيا، ڪٽوتين ۽ بدعنواني جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جولاءِ 2026ع کان ادائگين جو نئون ڊجيٽل سوشل پروٽيڪشن واليٽ (SPW) نظام متعارف ڪرائي رهيو آهي، جنهن تحت مستحق عورتن جون قسطون سڌو سنئون سندن ڊجيٽل واليٽ ۾ منتقل ڪيون وينديون.هن وڌيڪ ٻڌايو ته مستحق عورتون پنهنجي واليٽ جي حيثيت 8171 پورٽل يا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيس مان معلوم ڪري سگهن ٿيون، جڏهن ته ادائگي حاصل ڪرڻ لاءِ اصل سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بايوميٽرڪ تصديق لازمي هوندي. هن واضح ڪيو ته رقم واليٽ ۾ محفوظ رهندي، تنهن ڪري فوري طور ڪڍرائڻ ضروري نه هوندو. طاھرہ پيچوهو عورتن کي هدايت ڪئي ته هو وظيفي مان ڪٽوتي، سم جي فراهمي دوران رشوت جي مطالبي يا ڪنهن به قسم جي ناجائز اوڳاڙي بابت فوري طور بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاڳاپيل آفيس کي آگاهه ڪن، جيئن ذميوارن خلاف ترت ڪارروائي ڪري مستحقن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.