جمعہ، 23 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير مان4 مهينا اڳ اغوا ٿيل سيڪيورٽي گارڊ آزاد ٿي گهر پهچي ويو

سنڌي خبرون 25th Dec 2024 185 مناظر
ملير مان4 مهينا اڳ  اغوا ٿيل سيڪيورٽي گارڊ آزاد ٿي گهر پهچي ويو

پوليس ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي، اسماعيل کوسو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير مان4 مهينا اڳ اغوا ٿي ويل سيڪيورٽي گارڊ ڪشمور جي ڪچي مان آزاد ٿي گهر پهچي ويو، گهر ۾ عيد جهڙو ماحول، منهنجي ڀاءُ کي ڌاڙيلن پاڻمرادو آزاد ڪيو آهي پوليس ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي، اسماعيل کوسو جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب : ملير جي لنڪ روڊ بخشو جوکيو ڳوٺ جي رهواسي سيڪيورٽي گارڊ سهيل کوسو کي 4 مهينا اڳ ڌاڙيل اغوا ڪري ڪشمور جي ڪچي ۾ لڪائي ڇڏيو هو 1 ڪروڙ رپين جو ڀنگ طلب ڪرڻ لاءِ بدترين تشدد جو نشانو بڻايو هو جيڪو گذريل ڏينهن آزاد ٿي گهر پهچي ويو ان سلسلي ۾ سندس ڀاءُ اسماعيل کوسو ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ سهيل کوسو 4 مهينن بعد بازياب ٿي جيڪب آباد گهر پهتو آهي پوليس سميت ڪنهن به مدد نه ڪئي امڙ سنڌ بلوچستان ۾ پاڪ ڪتاب کڻي گهمايو ڌاڙيلن رحم کائي آزاد ڪيو آهي هن چيو ته 1 ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو پئسا نه هئا امڙ روئي روئي پاڪ ڪتاب کڻي پٽ جي آزادي لاءِ گھمندي رهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ