پیر، 05 اکتوبر 2026
بریکنگ

ميرپورخاص بار ڪائونسل جي ميمبر سان پوليس اھلڪارن جي مبينا بدتميزي

سنڌي خبرون 17th Nov 2023 307 مناظر

ميرپورخاص بار ڪائونسل جي ميمبر سان پوليس اھلڪارن جي مبينا بدتميزي

ميرپورخاص (بيورورپوٽ) ضلعي بار ڪائونسل جي ميمبر سينئير وڪيل غلام حسين ملاڻو سان ھاشم نگر وٽ 15 مددگار پوليس اھلڪارن جي بدتميزي , وڪيل غلام حسين ملاڻو جو چوڻ آهي ته ھاشم نگر کان پنھجي گھر ويندي ٻن پوليس مددگار 15 اھلڪارن مون کي روڪي پڇا ڪئي جن کي مون پنھجو اخلاقي طريقي سان تعارف ڪرايو پر پوليس اھلڪارن مون کي پنھجي موٽرسائيڪل تان لاھي تلاشي وٺڻ سميت تصويرون ڪڍي مون سان ڏوھارين وارو ورتائون ڪيو آهي ،، سندس چوڻ آهي ته مون کي لڳي ٿو ته پوليس اهلڪارن اھڙو رويو مون سان ڪنھن جي چوڻ تي اختيار ڪيو آھي ، جھڙوڪ آءٌ ڪو وڪيل يا شھري نه پر ڪو جوابدار ھجان ،، ھن ايس ايس پي ميرپوخاص سميت ڊي آئي جي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو آهي ته اھڙن بدمست پوليس اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ،،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ