منگل، 20 اکتوبر 2026
بریکنگ

دوران زخمي ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جو قومي شاھراھ تي لاش رکي ڌرڻو

سنڌي خبرون 20th Oct 2026 2 مناظر
دوران زخمي ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جو قومي شاھراھ تي لاش رکي ڌرڻو

شيخ ۽ مڱڻيجا ڌرين ۾ جھيڙي دوران زخمي ٿيل گلزار احمد مڱڻيجو سکر جي اسپتال ۾ دم ڏئيڇڏيو

ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا ۾ 3 ڏينھن اڳ شيخ برادري ۽ منڱڻيجا برادري وچ ۾ ٿيل جھيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان سکر جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو .علائقي خوف حراس ڇانيل . منڱڻيجا برادري جي ماڻھن لاش قومي شاھراھ تي لاش رکي ڌرڻو .ٽريفڪ معطل.تفصيل موجب ھنڱورجا ڀرسان ٽي ڏينھن اڳ رفيق احمد شيخ جي ڌر ۽ وڪيل منڱڻيجو جي ڌر وچ ۾ زمين جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو ھيو جھيڙي ۾ زخمي ٿيل گلزار احمد منڱڻيجو سکر جي اسپتال ۾ زخمن جا سور ن سھندي فوت ٿي ويو جنھن جو لاش ھنڱورجا اسپتال آندو ويو جتي منڱڻيجا برادري جي ماڻھن جي وڏو انگ پھتو جڏنھن پوليس انتظاميا لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ھوڏانھن فوتي نوجوان جي وارثن وڪيل منڱڻيجو قابل منڱڻيجو جي اڳواڻي ۾ فوتي جو لاش قومي شاھراھ تي رکي ڌرڻو ھنيو ويو ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي احتجاج ڪندڙن چيو آھي اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي قتل جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ