منگل، 29 ستمبر 2026
بریکنگ

نصيرآباد ويجھو ڳوٺ چنهڙ ۾ جشن عيد ميلادالنبي صھ جي حوالي سان ريلي

سنڌي خبرون 09th Oct 2023 271 مناظر

نشات تنظيم طرفان ڳوٺ چنهڙ کان نصيرآباد شهر تائين شاندار ۽ پُروقار ريلي ڪڍي وئي

نصيرآباد (رپورٽر) نصيرآباد لڳ ڳوٺ چنهڙ ۾ ٻنهي جهانن جي سردار پاڪ محمد مصطفىٰ صلعم جي عيد ميلادالنبي صه جي مناسبت سان نشات تنظيم طرفان ڳوٺ چنهڙ کان نصيرآباد شهر تائين شاندار ۽ پُروقار ريلي ڪڍي وئي، وک وک تي آجيان.”نشات“ تنظيم جماعت لواري شريف ريجن لاڙڪاڻو ۽ ناجيہ شاگرد تنظيم”نشات“جماعت لواري شريف يونٽ چنھڙ تعلقو نصيرآباد ضلع قمبر شھدادڪوٽ طرفان ٻنهي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفي "صلي الله عليه وآله وسلم" جي آمد جي خوشيءَ ۾ جماعتي سطح تي ڳوٺ چنھڙ کان نصيرآباد شھر تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي شمس الدين جوڻيجو، رئيس علي نواز جوڻيجو، سميع الله جوڻيجو، انور علي جوڻيجو، محمد قاسم، محمد سومر، فياض جوڻيجو ۽ ظفر الله جوڻيجو ڪئي. جڏهن ته ريلي ۾ ريجن لاڙڪاڻي توڙي ضلع قمبر شھدادڪوٽ جا عھديدار پڻ موجود ھئا، جڏھن تہ ريلي ۾ آس پاس جي ڳوٺن ۽ شھر ۾ رھندڙ عاشقان رسول پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي. اُن موقعي تي مقررين پاران شان پاڪ محمد مصطفىٰ صلعم جي زندگي تي روشني وڌي. هنن وڌيڪ چيو ته پاڪ محمد نبي اڪرم صه جي سيرت تي هلي ڪري زندگي ۽ آخرت سنواري سگهجي ٿي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ