منگل، 06 اکتوبر 2026
بریکنگ

اين اي 242 جو عوام اسان کي ايوانن ۾ ڏسڻ چاهي ٿو: حاڪم علي جسڪاڻي

سنڌي خبرون 14th Sep 2023 154 مناظر

بلاول ڀٽو زرداري جي مهم کي اڳتي وڌائيندي عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر ۽ اين اي 242 جي اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي چيو آهي ته ھو سياست کي عبادت سمجھن ٿا، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مهم کي اڳتي وڌائيندي عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين، هن چيو ته اين اي 242 جو عوام اسان کي ايوانن ۾ ڏسڻ چاهي ٿو. هن چيو ته گذريل دفعي اها سيٽ پي ٽي آءِ کي زبردستي ڏني وئي ۽ اسان جو مينڊيٽ وڃايو ويو، هن ڀيري اسان پنهنجي سيٽ واپس ڪنداسين، ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان عبدالله مراد شهر جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، حاڪم علي جسڪاڻي چيو. ته گٽر جي سياست ڪرڻ واراپاڻ گٽر ۾ ويندا. ۽ ايندڙ چونڊن ۾ پ پ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي ۽ ملڪ جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ