جمعہ، 23 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز: ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ اجلاس

سنڌي خبرون 18th Sep 2023 415 مناظر

نون مقرر ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن تعارفي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي

نوشهروفيروز ( ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ نئين مقرر ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن سان سندس آفيس ۾ تعارفي اجلاس ٿيو.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته هر آفيسر پنهنجي پنهنجي تعلقي ۾ بهتر ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
ھن چيو تہ پنھنجي پنھنجي تعلقي ۾ ايندڙ عام چونڊن لاءِ قائم ٿيندڙ پولنگ اسٽيشنن ۾ گھربل سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ انھن جو معائنو ڪيو وڃي.
هن چيو ته هو پنهنجي علائقن ۾ صحت، تعليم ۽ صفائي سٿرائي جي اسڪيمن جو معائنو ڪن ۽ عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪن.
هن چيو ته مان پاڻ ضلعي جي مختلف تعلقن جو دورو ڪندس،
هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته ايندڙ برسات کان اڳ ضلعي جي مختلف شهرن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪاسي ۽ صفائي جا بهتر انتظام ڪيا وڃن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ