منگل، 27 اکتوبر 2026
بریکنگ

شڪارپور ۾ اسرائيل جي جارحيت خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

سنڌي خبرون 23rd Oct 2023 128 مناظر

فلسطين جي بي گناھ انسانن ۽ معصوم ٻارن جي قتل عام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا: اڳواڻ

شڪارپور ( احسان ابڙو ) اسرائيل جي جارحيت خلاف شڪارپور ۾ ريلي ڪميونٽي ايڪشن فار رورل ڊولپمينٽ ڪارڊ ۽ سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان جي طرفان فلسطين جي بي گناھ مسلمانن جي قتل عام جي خلاف ڪارڊ جي سي اي او ، سماجي اڳواڻ پرويز احمد جيهو ابڙو ۽ پروگرام آفيسر عبدالله ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جنو شريف کان رستم روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي پرويز ابڙو ۽ عبدالله ڀٽو ۽ ٻين چيو ته اسرائيل جي جارحيت افسوسناڪ عمل آھي فلسطين جي بي گناھ انسانن ۽ معصوم ٻارن جي قتل عام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ دنيا جي انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اھي مظلوم فلسطينين جي بي گناھ قتل عام جو نوٽيس وٺن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ