جمعہ، 02 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪراچي جي خانگي درسگاهه علماء يونيورسٽي ۾ فادرز ڊي جي تقريب منعقد

سنڌي خبرون 26th Jun 2023 387 مناظر

ليڪچرر حنيفا شيخ ۽ ٻين والد جي ڏهاڙي جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙ والدين جا ٿورا مڃيا

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي خانگي درسگاهه علماء يونيورسٽي ۾ فادرز ڊي جي مناسبت سان تقريب منعقد ڪري والد جهڙي عظيم هستيءَ کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تفصيلي خبر موجب علماء يونيورسٽي ڪراچي جي مک ڪئمپس ۾ انتظاميا پاران فادرز ڊي جي مناسبت سان شاندار تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ استادن، والدين ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين تقرري مقابلي ۾ حصو وٺندي والد جهڙي عظيم شخصيت کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي ٻارن جي ڪردار سازي ۽ ڪيريئر جي جوڙجڪ ۾ سندس لازوال ڪردار کي نمايان ڪيو. فادرز ڊي جي تقريب دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز به پيش ڪيا، جڏهن ته والدين پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. تقريب جي پڄاڻي تي علماء يونيورسٽيءَ جي ليڪچرر حنيفا شيخ ۽ ٻين استادن خطاب ڪندي والد جي ڏهاڙي جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙ والدين جا ٿورا پڻ مڃيا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ