بدھ، 07 اکتوبر 2026
بریکنگ

سڄي ملڪ جيان نوشھروفيروز ۾ بھ ڪشميري ڀائرن سان يڪجھتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي

سنڌي خبرون 05th Feb 2024 252 مناظر

سڄي ملڪ جيان نوشھروفيروز ۾ بھ ڪشميري ڀائرن سان يڪجھتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي

نوشهروفيروز (ڊر) سڄي ملڪ وانگر نوشهروفيروز ۾ به مظلوم ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اعجاز علي هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا. ريلي جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اعجاز علي هاليپوٽو چيو ته اڄ سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، هي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڀارتي فوج پاران ڪشميري مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن جي مذمت ڪرڻ آهي، سمورا پاڪستاني ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هن چيو ته پوري قوم ڪشميري مسلمانن سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪشميري عوام کي حق خوداراديت ملڻ گهرجي، هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شہ رگ آهي ۽ پنھنجي شہ رگ کانسواءِ ڪو به ملڪ قائم نٿو رهي سگهي، تنهن ڪري ڪشمير کي پاڪستان جو حصو بڻايو وڃي. ڪشميري عوام جي جدوجهد جلد رنگ ڀريندي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشمير کي ان جو حق آزاديءَ جي صورت ۾ ملندو. ان موقعي تي ضلعي جي سمورن سرڪاري کاتن جي آفيسرن، ملازمن، سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ