ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

اسسٽنٽ ڪمشنر گهوڙاٻاڙي سورٺ مظهر تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال پهتي

سنڌي خبرون 11th May 2026 292 مناظر
اسسٽنٽ ڪمشنر گهوڙاٻاڙي سورٺ مظهر تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال پهتي

سورٺ مظهر پوليو مهم جي سلسلي ۾ فرنٽ لائين ورڪرز ۽ ايريا انچارجز جي جاري تربيتي سرگرمين جو جائزو ورتو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر گهوڙاٻاڙي سورٺ مظهر، تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال گهوڙاٻاڙي ۾ ايندڙ پوليو مهم جي سلسلي ۾ فرنٽ لائين ورڪرز ۽ ايريا انچارجز جي جاري تربيتي سرگرمين جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر تربيتي عمل، حاضري ۽ مجموعي انتظامن جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل آفيسرن ۽ عملي کي هدايت ڪئي ته تربيت کي وڌيڪ اثرائتي، منظم ۽ نتيجا خيز بڻائڻ لاءِ وقت جي پابندي، نظم و ضبط ۽ شرڪت ڪندڙن جي فعال شموليت کي هر صورت يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي واري مهم جي ڪاميابي لاءِ فيلڊ عملي جي معياري تربيت انتهائي اهميت رکي ٿي. اسسٽنٽ ڪمشنر سمورن لاڳاپيل آفيسرن ۽ عملي تي زور ڀريو ته هو پنهنجون ذميواريون مڪمل سنجيدگي ۽ پيشه ورانه انداز سان نڀائين ته جيئن مهم دوران بهترين نتيجا حاصل ڪري سگهجن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ