جمعہ، 23 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوجوانن صحافين کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي سکيا ڏني وڃي: سيد سردار شاھھ

سنڌي خبرون 15th Oct 2026 43 مناظر
نوجوانن صحافين کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي سکيا ڏني وڃي: سيد سردار شاھھ

عمرڪوٽ پريس ڪلب جي نئين باڊي جي حلف برداري تقريب

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ پريس ڪلب جي سال 2026ع جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي سلسلي ۾ ھڪ پروقار تقريب مقامي گيسٽ ھائوس ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ صوبائي وزير تعليم ۽ معدنيات سنڌ سيد سردار علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، تقريب دوران صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه خطاب ڪندي صحافت جي اهميت، صحافين جي ذميوارين ۽ معاشري ۾ ميڊيا جي ڪردار تي روشني وڌي، صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته صحافت معاشري جو هڪ اهم ۽ ذميوار شعبو آهي، جيڪو عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، عام ماڻهن جي آواز کي اعليٰ اختيارين تائين پهچائڻ ۽ سماج ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، صحافين تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو سچائي، ايمانداري، غيرجانبداري ۽ پيشه ورانه اصولن کي نظر ۾ رکندي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندا ۽ پنھنجي حلف جو وقار رکندا، جيئن عوام کي صحيح ۽ مستند معلومات فراهم ٿي سگهي، هن چيو ته صحافت رڳو خبرن جي اشاعت جو نالو نه آهي، پر اها عوام ۽ حڪومت وچ ۾ رابطي جو هڪ اهم ذريعو پڻ آهي، صحافين کي گهرجي ته هو عوام کي درپيش مسئلن، تعليم، صحت، بنيادي سهولتن، ترقياتي ڪمن ۽ سماجي معاملن کي مناسب انداز ۾ اجاگر ڪن، جيئن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارن جي توجهه حاصل ڪري سگهجي، ھن چيو ته صحافين کي سماج جي عڪاسي ڪرڻ گھرجي ۽ صحافي سماج جو آئينو آھن، ھن چيو ته مون ڪڏھن به تنقيد کي تصحيق نه سمجھيو آھي ۽ صحافين جي تنقيد مان ئي اصلاح ٿئي ٿي، سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ صحافت جو دور ئي تبديل ٿي چڪو آهي، ھن چيو ته نوجوانن صحافين کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي سکيا ڏني وڃي، تقريب ۾ عمرڪوٽ پريس ڪلب جي سال 2026ع جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ نون چونڊيل عهديدارن صدر امين محمد ميمڻ، نائب صدر ممتاز آريسر، جنرل سيڪريٽري مدن گوپال، جوائنٽ سيڪريٽري محمد اسلم مھر، خزانچي نظر سميجو، پريس سيڪريٽري ڪانجي مل، آفيس سيڪريٽري ناهيد حسين خٽڪ، رابطه سيڪريٽري سھيل ڪنڀر جي حلف برداري ڪئي وئي، ان موقعي تي نون چونڊيل عهديدارن کان اميد ظاهر ڪئي وئي ته هو صحافتي اصولن ۽ اخلاقي قدرن کي اوليت ڏيندي صحافين جي ڀلائي، صحافتي سرگرمين جي واڌاري ۽ عوامي مسئلن جي نشاندهي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، عمرڪوٽ پريس ڪلب ضلعي جي صحافتي سرگرمين جو هڪ اهم مرڪز آهي، جتان صحافي عوامي مسئلن، سماجي معاملن ۽ ضلعي جي مختلف سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪن ٿا، نئين باڊي جي چونڊ ۽ حلف برداري کي صحافتي سرگرمين جي تسلسل ۽ اداري جي مضبوطيءَ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ويو، تقريب جي پڄاڻيءَ تي نون چونڊيل عهديدارن صدر امين محمد ميمڻ، نائب صدر ممتاز آريسر، جنرل سيڪريٽري مدن گوپال،.جوائنٽ سيڪريٽري محمد اسلم مھر، خزانچي نظر سميجو، پريس سيڪريٽري ڪانجي مل، آفيس سيڪريٽري ناهيد حسين خٽڪ، رابطه سيڪريٽري سھيل ڪنڀر کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي ته هو صحافتي برادريءَ جي اتحاد، ڀائيچاري ۽ پيشه ورانه ذميوارين کي وڌيڪَ مضبوط بڻائيندا، جڏهن ته عوام جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ مثبت صحافت کي هٿي ڏيندا، ان موقعي تي تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمن لاڙڪ، چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، نائب صدر پ پ پ ضلع عمرڪوٽ برھان الدين ڪنڀر، وائيس چيئرمين ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ ڪمار ٽلواڻي، سينيئر سٽيزن اقبال ميمڻ، جلال ڪوري، حاجي ساند، دليپ مولچنداڻي، قاسم ساند، پ پ انفارميشن سيڪريٽري ضلع عمرڪوٽ گهنشام بجير، منٺار آريسر، پ پ اڳواڻ مدن سوماڻي، سيد شمشير علي شاھ، ڊويزنل ھيڊ 1122 ميرپورخاص ڊويزن بنسي مالھي، سليم مھر، ڊسٽرڪٽ مئنيجر ھينڊز منصور ميمڻ، راڳي رفيق فقير، ڪنري ، سامارو، ڍورو نارو ۽ ڇور سميت ضلعي عمرڪوٽ جي مختلف صحافين سميت ٻين اھم اڳواڻن شرڪت ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ