بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول پوليس پراسرار نموني گم ٿيل ٻارڙِي کي هٿ ڪري ورتو

سنڌي خبرون 25th Mar 2026 397 مناظر
سجاول پوليس پراسرار نموني گم ٿيل ٻارڙِي کي هٿ ڪري ورتو

2ھفتا اڳ پراسرار نموني گم ٿيل 3 ورهين جي شاھده ٻارڻ کي وارثن حوالي ڪيو آهي: ايس ايس پي علينا راڄپر

سجاول (گلشيرميربحر ) سجاول ۾ 2 ھفتا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل 3 سالا معصوم ٻارڙي شاھده ٻارڻ واپس مائٽن کي ملي وئي, ايس ايس پي علينه راڄپر جي ڪوششن سان ٻارڙي واپس ملي ,ايس ايس پي علينه راڄپر سندس آفيس ۾ وارثن کي گهرائي ٻارڙي انهن حوالي ڪئي, ايس پي آفيس ۾ وڏي تعداد ۾ ٻارڻ برادري جا ماڻهو موجود ھئا معصوم ٻارڙي شاھدا جي والد ميڊيا سان ڳالھاءيندي چيو ته سجاول پوليس ۽ ميڊيا جا ٿورائتا آھيون جن جي ڪوشش سان ٻارڙي ملي آھي ۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ