اتوار، 04 اکتوبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ساٿي علي محمد سوناري جي ورسي ملهائي وئي

سنڌي خبرون 12th Jan 2025 322 مناظر
عمرڪوٽ ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ساٿي علي محمد سوناري جي ورسي ملهائي وئي

علي محمد سوناري جي 21هين ورسي تي سندس تصوير آڏو گل نڇاور ڪري ۽ ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي

عمرڪوٽ (ڊ ر)قائد انقلاب شھيد ميرمرتضي ڀٽو جي ويجھي ساٿي وفا جي علامت بڻيل شھيد علي محمد سونارا جي 21ھين ورسيء (شھيد ميرمرتضي ڀٽو ھائوس عمرڪوٽ) تي ملھائي وئي ۽ تصوير آڏو گل نڇاور ڪري ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي انھي موقعي تي پ پ پ شھيد ڀٽو ضلع عمرڪوٽ جي ڪارڪنن ڪامريڊ ڀاڳومل ميگھواڙ , روي ميگھواڙ , سريش ڪمار ۽ امرلعل چيو ته شھيد علي محمد سونارا کي شھيد ميرمرتضي ڀٽو سان وفاداري جي ڏوه ۾ شھيد ڪيو ويو جنھن جي عظمت کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا شھيد علي محمد سونارا ڀٽوازم سان وفاداري جي ڏوه ۾ جان جو نظرانو ڏئي ھميشه لئه امر ٿي ويو اسان پاڪستان جي رياست کي چئون ٿا ته شھيد علي محمد سونارا جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ