بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

جھمپير ويجھو سيد برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار جو جرڳو

سنڌي خبرون 01st Oct 2023 248 مناظر

جرڳي دوران ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌي زميني تڪرار جو نبيرو ڪري ٻنھي کي کير کنڊ ڪيو ويو

ٺٽو(ڊر) جھمپير لڳ امير پير ڀرسان ڳوٺ سيد بچل شاھ جي رھواسي سيد محسن شاھ ۽ سيد نظر محمد شاھ جي پراڻي ھلندِڙ زمين واري تڪرار جو نبيرو يوسي جھمپير جي چيئرمين حاجي فيض بروھي، احمد خان پالاري، ڦوٽو چانگ، سيد قبول محمد شاھ، سيد علي حيدر شاھ، سيد بشير احمد شاھ جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جو ڳالھيون بڌي زميني تڪرار جو نبيرو ڪري ٻنھي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو، جنھن ۾ خير محمد خاصخيلي، غلام رسول شورو، اعظم گوپانگ، سيد باڪر شاھ، سيد بچل شاھ، حافظ سڪندر شاھ، محمد شاھ، سيد واجد شاھ، سيد نواز علي شاھ، سيد محمد حسن شاھ، سيد عبدالستار شاھ، سيد غلام مصطفي شاھ، محمد ايوب ملاح، حنيف خاصخيلي، علي حسن خاصخيلي، عبدالغفور کڏائي، سومار کڏائي، علي حيدر شاھ، چانگ، محمد امين ميربحر، محمد ايوب ملاح، اڪبر پالاري، علي خان چانگ، محمود سميت مختلف برادرين جي وڏي تعداد ۾ معززين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيد محسن شاھ پاران آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪون پھرايون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ