بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ پير ڪمال سھروردي جو مڙھ جنازي نماز بعد مٽي ماءُ حوالي

سنڌي خبرون 14th Nov 2023 91 مناظر

نوشھروفيروز ۾ پير ڪمال سھروردي جو مڙھ جنازي نماز بعد مٽي ماءُ حوالي

نوشهرو فيروز(ڊ ر) نوشهرو فیروز جي پیر ڪمال سُهروردي جي جنازي نماز ادا ڪئي ويئي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ شهرين ۽ مريدن شرڪت ڪئي بعد ۾ کيس اباڻي قبرستان ميان عدر سلطان نوشهرو فيروز ۾ سندن وڏي بزرگ حضرت پير ڪمال سُهروردي جي آخري ابدي آرامگاھ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پير ڪمال مظهر سُهروردي يوسي نوشهرو فيروز جو ناظم به رهيو ۽ تازو ميونسپل ڪاميٽي نوشهرو فيروز جي چيئرمني تان استعيفيٰ ڏيندڙ پير قربان علي سُهروردي جو سئوٽ ۽ ڀيڻيوو هو، سندن خاندان جي وڏي فقيري ۽ سياسي تاريخ آهي. پير قربان اول 1931ع ۾ ضلع ڪائونسل نوابشاهه جو چيئرمين به رهي چڪو آھي ۽ ضلع ڪائونسل نوابشاھ ۾ پير قربان هال اڄ به موجود آھي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ