بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڊسٽرڪٽ جرنلسٽ فورم ٺٽي ضلعي جي صحافين پاران ايس ايس پي ٺٽو سان ملاقات

سنڌي خبرون 15th Sep 2023 263 مناظر

ايس ايس پي آفتاب نظاماڻي پاران صحافين جي وفد کي ڪيس بابت جاچ ڪرائڻ جي خاطري

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊسٽرڪٽ جرنلسٽ فورم ٺٽي ضلعي جي صحافين پاران گهارو پريس ڪلب جي صدر مختيار لاشاري ۽ جنرل سيڪريٽري بشام جوکيو خلاف گهارو ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪوڙي ڪيس بابت مڪلي تي ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ويئي ۽ کيس صحافين تي ڪوڙي ڪيس بابت آگاهي ڏني ويئي

جنهن فورم جي وفد کي مثبت موٽ ڏيندي مذڪوره ڪيس جي جاچ ڪرائي سندن نالا ايف آء آر مان خارج ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيڊسٽرڪٽ جرنلسٽ فورم ٺٽو جي وفد ۾ نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جو صدر محبوب بروهي جنرل سيڪريٽري محمد ميمڻ عوامي پريس ڪلب مڪلي جي صدر بلاول سمون ،جنرل سيڪريٽي اي بي شورو،ننگر پريس ڪلب جي جاويد لطيف ميمڻ پريس ڪلب گهارو جي ذوالفقار خاصخيلي رشيد پهنور جنگشاهي پريس ڪلب جي عبدالرئوف بروهي عبدالرحيم جوکيو گهارو پريس ڪلب جي صدر مختيار لاشاري بشام جوکيو حميد عمراڻي سميت مرتضي سومرو،غلام الله پريس ڪلب جو پيرل پياسي ،مڪلي پريس ڪلب جو اڪبر دلواڻي ۽ ٻيا صحافي پڻ موجود هئا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ