منگل، 29 ستمبر 2026
بریکنگ

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شفقت شاهه شيرازي، رياض شاهه شيرازي ۽ ٻين جي ملاقات

سنڌي خبرون 07th Oct 2025 365 مناظر
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شفقت شاهه شيرازي، رياض شاهه شيرازي ۽ ٻين جي ملاقات

ملاقات ۾ شاهه حسين شاهه شيرازي، غلام حسين شاهه شيرازي ۽ حاجي حنيف ميمڻ به موجود هئا

سجاول )گلشيرميربحر(وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه سان سابق ضلعي ناظم ٺٽو سيد شفقت حسين شاه شيرازي صوبائي وزير سيد رياض شاھ شيرازي .ايم پي اي سيد شاھ حسين شاه شيرازي . غلام حسن شاه شيرازي ۽ حاجي حنيف ميمڻ جي ملاقات ٿي آھي ان دوران شيرازيءَ ڀائرن توڙي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وچم سياسي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جڏهن ته شيرازي ڀائرن پاران ضلعي ٺٽي ضلعي سجاول لاءِ ميگا اسڪيمون ڏيئڻ سان گڏ ڪافي ترقياتي ڪمن جي درخواست پڻ ڪئي وئي آهي جنھن تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کين تقين ڌياني ڪرائي وئي آھي سنڌ جي ٻين ضلعن جي برابري جھڙيون اسڪيمون سجاول ٺٽو کي پڻ ڏنيون وينديون ڪوششون آھن ته وڌ کان وڌ ساحلي ضلعن ۾ انساني بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون وڌ ترقي طرف مزڪورا ضلعن جي عوام کي پڻ ملڻ گھرجن حقيقي مالڪي ڪئي وڃي عوام جا اھنج ختم ڪيا وڃن کين پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ شيرازي ڀائرن يقين ڏياري ته اسان ھميشھ عوام جي حقيقي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن وڏي تعداد ۾ ترقياتي منصوبا ڏنا آھن اھڙي ريت عوام سان گڏ رھيا آھيون گڏ رھنداسين
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ