ہفتہ، 24 اکتوبر 2026
بریکنگ

مولانا اسدالله ڀٽو جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي وفد جي حافظ حمدالله سان ملاقات ۽ عيادت

سنڌي خبرون 20th Sep 2023 383 مناظر

مولانا اسدالله ڀٽو، محمد حسين محنتي، مسلم پرويز ۽ حمادالله ڀٽو حافظ حمد اللھ جي عيادت ڪئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، سنڌ جي امير محمد حسين محنتي، ڪراچي جي امير مسلم پرويز ۽ مقامي اڳواڻ حمادالله ڀٽو تي مشتمل جماعت اسلامي جي وفد مقامي خانگي اسپتال پهچي ڪري مستونگ بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله جي عيادت ۽ سندس مڪمل صحتيابي لاءِ دُعا ڪئي، وفد کيس مرڪزي امير سراج الحق پاران سندن لاءِ نيڪ خواهش ۽ صحتيابي لاءِ دُعا به ڏني.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ