بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاس پاران پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جي بنا مقابلي چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

سنڌي خبرون 02nd Jan 2025 131 مناظر
سجاس پاران پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جي بنا مقابلي چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسپورٽس جرنلسٽ ايسوسيئيشن آف سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن جي بنا مقابلي چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي سجاس جي صدر محمود ریاض، سيڪريٽري شاھد عثمان ساٽي ۽ مجلس عاملا پنهنجي گڏيل بيان ۾پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جي بنا مقابلي چونڊجي آيل صدر عارف سعيد جنرل سيڪريٽري خالد محمود، نائب صدر فاطمہ لاکاني، ايسوسيئيٽ سيڪريٽري واجد علي ۽سمورن عهديدارن کي دلي مبارڪباد ۽نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيون۽ چيو ته راندين جي واڌاري لاءِ پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن ۽ميڊيا جو ڪردار وڏو اهم آهي اميد آهي ته راندين جي حوالي سان عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، جنهن لاءِ سجاس پي او اي سان ڪلهي سان ڪلهو ملائي گڏ هوندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ