ڪراچي: پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرھھ جي تقريب منعقد
21سيپٽمبر جو ڏينهن مبارڪن جو ڏھاڙو آهي. اڄ پارٽي چيئرمين جو جنم ڏينهن آهي:اڳواڻ
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه ڪراچي پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ ملهائي وئي ۽ تقريب ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي پ پ ضلعي اوڀر جي آرگنائيزر محمد آصف خان، پ پ اڳواڻ حسين بخش ناريجي، غازي سرور خان، صفوران ٽائون جي وائيس چيئرمين عبدالحق بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد آصف خان حسين بخش ناريجي چيو ته 21 سيپٽمبر جو ڏينهن مبارڪن جو ڏھاڙو آهي. اڄ پارٽي چيئرمين جو جنم ڏينهن آهي. هنن چيو ته 35 سالن جي ڄمار ۾ سياست ڪرڻ ڪنھن بھادري کان گھٽ ناھي پيپلز پارٽي جي باني شهيد ڀٽو، بعد ۾ شهيد بي بي ننڍي عمر ۾ سياست ۾ پاڻ کي منايو سندس چوڻ ھو ته اڄ 35 سالن جي ڄمار ۾ پوري دنيا سندس سڃاڻپ ڪري ٿي. سياسي صلاحيتن تي دنيا متفق آهي، هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين اسانجو بهادر ليڊر آهي، هنن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 20 لک گهر ٺاهڻ جو واعدو ڪيو هو. ٻوڏ ۽ انهن متاثرين جو ڪيس سڄي دنيا ۾ عالمي سطح تي وڙهيو ويو ۽ اڄ 5 لک کان وڌيڪ گهر ٺاهيا ويا آهن، 2 لک گهر ٺاهيا ويا آهن ۽ ايندڙ هڪ سال ۾ وڌيڪ گھرن جي تعمير ڪرائي ويندي