جمعرات، 29 اکتوبر 2026
بریکنگ

جهرڪ ڀرسان حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي

سنڌي خبرون 08th Feb 2026 271 مناظر
جهرڪ ڀرسان حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ٺٽو لڳ جهرڪ ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرڪ ۽ اي پي وي وين وچ ۾ سخت ٽڪراءُ ٿيڻ سبب هڪ المناڪ روڊ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ وين ڪلٽي ٿي وئي۔ حادثي دوران وين ۾ سوار حيدرآباد جو رهواسي هڪ شخص گاڏي هيٺ اچي فوت ٿي ويو، جڏهن ته چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا۔ حادثي جي اطلاع ملڻ شرط ريسڪيو 1122 جي ٽيم موقع تي پهچي زخمين کي ايمبولينس ذريعي ترت حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين کي فوري طبي امداد ڏني پئي وڃي۔ زخمين جي سڃاڻپ صفدر، دانش، نديم ۽ جمشيد طور ڪئي وئي آهي۔ ذريعن موجب حادثي جو شڪار سڀئي ماڻهو حيدرآباد جي مسيحي برادري سان تعلق رکن ٿا۔ حادثي بعد علائقي ۾ ڪافي دير تائين ٽريفڪ جام رهي، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي۔ پوليس موجب حادثي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته فوتي جي لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ