جمعہ، 09 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽو: مڪلي هاءِ اسڪول ۾ سائنس ۽ آرٽس جي نمائش

سنڌي خبرون 07th Jan 2025 195 مناظر
ٺٽو: مڪلي هاءِ اسڪول ۾ سائنس ۽ آرٽس جي نمائش

فيسٽيول ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ پينٽنگ جا مقابلا ڪرايا ويا

ٺٽو( شفيق ڀٽي) ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سيڪنڊري طرفان سائنس ۽ آرٽس جي نمائش گورنمينٽ بوائس ھاء اسڪول مڪليءَ تي لڳائي ويئي ،ھن فيسٽيول ۾ پينٽنگ جا مقابلا بہ ڪرايا ويا. ھن فيسٽيول ثابت ڪيو ته ظلع ٺٽي ۾ ٻارڙن جي ذھانت اعلا ترين معيار تي پھتل آھي صرف انهن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن اھي ثابت ڪندا ته ڪنھن کان بہ گھٽ نہ آھن.شاھ لطيف سرڪار جي وائي تنبوري جي تار ڇيڙي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جنھن انداز سر ۽ ساز ٻڌائي سندن آواز ترنم بي انتها سريلو ھو انھن کي جيڪڏهن موقعا ڏنا وڃن ته پوري دنيا ۾ لطيف سرڪار کي ۽ ان جي امن ،پيار جي پيغام کي روشناس ڪرائي سنڌ ۽ ھن ظلع ٺٽي جو مان مٿاهون ڪري سگھن ٿا ، ميڊم مھرين سومرو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ٺٽو سان گڏ ڪي بي بھراڻي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ٺٽو خاص طور تي شرڪت ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ