اتوار، 11 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽي جي جيل ۾ فوت ٿيل علي بخش ملاح جي گهرواري جو ٻارڙن سميت سجاول ۾ احتجاج

سنڌي خبرون 05th Jan 2026 283 مناظر
ٺٽي جي جيل ۾ فوت ٿيل علي بخش ملاح جي گهرواري جو ٻارڙن سميت سجاول ۾ احتجاج

منهنجي مڙس کي ٺٽي جيل انتظاميہ تشدد ڪري بيگناھ قتل ڪيو آهي: حسنا ملاح جو الزام

سجاول (رپورٽر) ٺٽي جيل ۾ فوتي علي بخش ملاح جي زال حسنہ ڇهن معصوم ٻارڙن سميت سورج سجاولي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي مڙس کي ٺٽي جيل انتظاميہ تشدد ڪري بيگناھ قتل ڪيو آهي جنهن جي جسم تي ظاهري طور نشان بيٺا هئا هنن چيو ته جيل انتظاميه کي معطل ڪري انهن مٿان ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ اسان ٻچن سميت پاڻ کي باھ ڏيئي سارينداسين ان جي زميوار ٺٽي جيل انتظاميه هوندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ