پیر، 26 اکتوبر 2026
بریکنگ

اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ معذور نوجوان کان ڦر

سنڌي خبرون 20th Apr 2026 288 مناظر
اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ معذور نوجوان کان ڦر

متاثر نوجوان زبيع الله جو وارثن سميت احتجاجي مظاهرو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ معذور نوجوان کان هٿياربند ڦر جي واردات جو واقعو پيش آيو جتي ٽي اڻ ڄاتل هٿياربند جوابدار نوجوان کان موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦري فرار ٿي ويا متاثر معذور نوجوان زبيع الله عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته هو پنهنجي ڀاءُ نظم الدين سان گڏ بازار مان گهر جي ضرورت جو سودو وٺي واپس پنهنجي ڳوٺ طرف وڃي رهيو هو ته اوچتو ٽي هٿياربند جوابدارن کيس روڪي ورتو جوابدارن هٿيارن جي زور تي نوجوان کي ڌمڪيون ڏيندي وٽس موجود موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦري ورتي متاثر نوجوان موجب جوابدار انتهائي بي رحمي سان ساڻس پيش آيا ۽ مزاحمت تي تشدد ڪيو ۽ واردات بعد جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا متاثر نوجوان زبيع الله اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي پاسي شهرين مطالبو ڪيو آهي ته پوليس علائقي ۾ گشت وڌائي، سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ۽ شهرين کي تحفظ فراهم ڪري جيئن علائقي ۾ وڌندڙ ڏوهاري وارداتن کي روڪي سگهجي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ