جمعہ، 09 اکتوبر 2026
بریکنگ

شيرازي ڀائرن جي فريال ٽالپر سان اھم ملاقات

سنڌي خبرون 26th Oct 2023 318 مناظر

فريال ٽالپر شيرازي ڀائرن جا خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي

ٺٽو: شيرازي ڀائرن جي زرداري هائوس ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر سان اهم ملاقات، ايندڙ عام چونڊن جي صورتحال ۽ ٽڪيٽن جي حوالي سان ڳالھيون ڪيون ويون
فريال ٽالپر سان ملاقات ۾ شيرازي گروپ جي اڳواڻ اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت شاھ شيرازي اڳوڻو ايم پي اي رياض حسين شاھ شيرازي تنوير شاھ شيرازي ۽ زوار شاھ شيرازي موجود هئا
ذريعن جو چوڻ آھي تھ ڪراچي ۾ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر سان ملاقات ۾ شيرازي ڀائرن ٺٽي ۽ سجاول ضلعن اندر پيپلزپارٽي جي مقامي قيادت جي روين کان آگاھ ڪيو ۽ ساڳين ٽن سيٽن تي کين پارٽي پاران ٽڪيٽ ڏيارڻ جي ڳالھ ٻولھ ڪئي
پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر شيرازي ڀائرن کي خاطري ڪرائي ته سندن تحفظات دُور ڪري ايندڙ اليڪشن هڪ ئي پليٽ فارم تان وڙھي ويندي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ