بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪراچي جي پي ايس 97 تي اين ايس پي پاران ن ليگ اميدوار جي حمايت

سنڌي خبرون 21st Jan 2024 327 مناظر

ڪراچي جي پي ايس 97 تي اين ايس پي پاران ن ليگ اميدوار جي حمايت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پي ايس 97 تي ن ليگ جو پلڙو ڀاري ٿي ويو سنڌ نيشنل پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي پنهنجي ڪارڪنن سميت ن ليگ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو جڏهن ته گبول برادري کانپؤ برفت برادري به پ پ کان ناراض ٿي ن ليگ کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي پي ايس 97 ن ليگ جي اميدوار فهد شفيق لاسي ڲوٺ ايس اين پي هائوس پهچي رمضان بليدي نياز احمد بليدي سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي ايس اين پي جي سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي نياز بليدي پنهنجي ڪارڪنن سميت ن ليگ جي حمايت ڪئي جڏهن ته برفت برادري جي رسول بخش ڪانڙو پنهنجي برادري سميت 100 کان وڌيڪ ماڻهن ن ليگ کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ان موقعي تي مسلم ليگ ن سنڌ جو نائب صدر غلام سرور تنيو بخت منير عباس قصوري عابد کرل نور ڪوهستاني چوڌري ذوالفقار غلام الدين تنيو ۽ ٻيا موجود هئا مختلف ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي فهد شفيق چيو ته هو رمضان بليدي برفت گبول برادري جي سمورن ڀائرن جو ٿورائتو آهي جنهن ن ليگ جي حمايت جو اعلان ڪيوھن چيو ته انشأ الله پي ايس 97 تي جيت ن ليگ جي ٿيندي ڪامياب ٿي هتان جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪنداسين هن تڪ کي ماڊل بڻائينداسين
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ