منگل، 29 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ حيدرآباد پاران سول اسپتال نوشهروفيروز جو دورو

سنڌي خبرون 03rd Sep 2023 415 مناظر

ڊاڪٽر عارف احمد سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو سان گڏ مختلف وارڊن جو دورو ڪيو

نوشھروفيروز(ڊر) ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ حيدرآباد ڊاڪٽر عارف احمد جو سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو سان گڏ موڪل واري ڏينهن سول اسپتال نوشھرو فيروز جو اچانڪ دورو ڪري ايمرجنسي،دل جي وارڊ،ٻارن جي وارڊ ۽ ليبر روم جو تفصيلي دورو ڪري صفائي سٿرائي، مريضن کي ملندڙ سهولتن ۽ اسٽاف جي حاضري چيڪ ڪئي۔ ان موقعي تي ADHO ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر ۽ ڊاڪٽر حاڪم علي جوکيو ساڻس گڏ هئا۔ دوري دوران ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته صحت کاتي سنڌ جي خاص هدايتن تي سول اسپتال جو دورو ڪري رهيا آھيون ته جيئن مريضن کي صحت جون وڌ کان وڌ سهولتون ملي سگهجن۔ نوشھروفيروز جي سول اسپتال ۾ موڪل واري ڏينهن ۾ ڊاڪٽرن توڙي اسٽاف سميت مريضن کي ملندڙ ايمرجنسي دوائون ڏسي بيحد خوشي ٿي رهي آھي جيڪڏهن سموري سنڌ جون اسپتالون ائين زميواريء سان ڪم ڪن ته غريب مريضن کي سموريون سهولتون ملي سگهن ٿيون۔ هن چيو ته هن وقت اسپتالن اندر مليريا ۽ گيسٽرو جي مريضن جي تمام گهڻي رش آھي۔ جنهن کي منهن ڏيڻ لاء صحت کاتو ڀرپور ڪم ڪري رهيو آھي ان سلسلي ۾ سڀاڻي(اڄ) سومر ڏينهن سول اسپتال ۾ DHO نوشھرو فيروز ڊاڪٽر اسد ڪلهوڙو جي تعاون سان مفت ڪئمپ لڳرائي رهيا آھيون جنهن ۾ مليريا جون ٽيسٽون ڪري مفت دوائون ڏنيون وينديون عوام کي هن ڪئمپ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ