اتوار، 04 اکتوبر 2026
بریکنگ

سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي هفتيوار گڏجاڻي, سيد سلطان شاهه ساقي جي ڏهين ورسي 10 آگسٽ تي ملهائڻ جو اعلان

سنڌي خبرون 01st Aug 2025 264 مناظر
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي هفتيوار گڏجاڻي, سيد سلطان شاهه ساقي جي ڏهين ورسي 10 آگسٽ تي ملهائڻ جو اعلان

اجلاس شاعر غفور شاھ تقوي جي صدارت ۾ ٿي گذريو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس شاعر غفور شاھ تقوي جي صدارت ۾ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿيو .اجلاس ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي منظوري کان پوءِ سنڌ جي ناليواري شاعر مرحوم سيد سلطان شاهه ساقي جي ڏهين ورسي ۽ مشاعرو 10 آگسٽ 2025 آچر ڏينهن ملهاڻ جو اعلان ڪيو ويو.گڏجاڻي دوران شريڪ شاعرن پنهنجا نوان اسم پيش ڪيا، جن تي ادبي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ تنقيدي جائزو ورتو ويو. صدارتي راءِ ڏيندي سيد غفور شاهه تقوي چيو ته شاخ ملير فقط گڏجاڻيون نه پر ڇهن مهينن ۾ ڇهه ڪامياب پروگرام ڪري ادبي ميدان ۾ پنهنجي سڃاڻپ جو اظهار ڪيو آهي. اسان تخليقي سٺن ماڻهن کي ميمبرشپ ڏئي رهيا آهيون، جيڪي اڳتي هلي سنگت لاءِ اهم خدمتون انجام ڏيندا.هن وڌيڪ چيو ته، اسان وٽ کوڙ سارا ادبي ۽ ثقافتي پروگرام پينڊنگ ۾ پيل آهن، جيڪي وقت سر ترتيب ڏئي سنگت لاءِ نون سرپرائيزن جو سبب بڻجندا.گڏجاڻي جي ڪارروائي سنگت جي سيڪريٽري اصغر مھرائي هلائي، جڏهن ته گڏجاڻي ۾ مجيب سنڌي، قمبر ٻٽ، سڪندر سرواڻ، امداد لاشاري، عبدالخالق ڀٽي، سيد عنايت شاهه، سامي ميمڻ سميت ٻين شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ