جمعرات، 29 اکتوبر 2026
بریکنگ

رتوديرو ويجھو فائرنگ ۾ نينگر مارجي ويو، ھڪ ڄڻو زخمي

سنڌي خبرون 29th Dec 2023 165 مناظر

رتوديرو ويجھو فائرنگ ۾ نينگر مارجي ويو، ھڪ ڄڻو زخمي

رتوديرو(رپورٽر) رتيديري لڳ لاشاري ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ بنگل ديرو ۾ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ مئٽرڪ جو شاگرد 16 ورهين جو عبدالهادي پٽ عبدالرزاق ڀٽو مارجي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو غلام شبير ڀٽو زخمي ٿي پيو زخمي کي علاج لاء لاڙڪاڻو اماڻيو ويو آهي جڏهن ته مارجي ويل جو لاش پوليس پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال رتوديرو کڻائي آهي جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ان سلسلي مارجي ويل نينگر جي والد ٻڌايو ته پاڙي ۾ شادي جو پروگرام هيو جنهن ۾ فائرنگ ڪئي وئي فائرنگ دوران گولي منهنجي پٽ کي لڳي جنهن ۾ هو مارجي ويو جڏهن ته واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ٿي ڪونه سگهيو هيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ