ہفتہ، 03 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهرو فيروز ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ اجلاس

سنڌي خبرون 12th Oct 2023 368 مناظر

سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر روزاني جي بنياد تي بازارن جو دورو ڪري شين جا اگھھ معلوم ڪن: ڊي سي

نوشهرو فيروز (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ روزاني استعمال جي شين جي قيمتن جي مقرري، ناجائز منافعي ۽ ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. ان موقعي تي هن سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو روزاني جي بنياد تي بازارن جو دورو ڪن ۽ جيڪي به دڪاندار وڌيڪ اگهه تي سامان وڪرو ڪري ٿو ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ان موقعي تي ڏنڊ به لڳايو وڃي ھن چيو ته سمورا دڪاندار پنهنجي دڪانن تي مقرر اگهن جي لسٽ نمايان جڳهه تي لڳائين. هن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر سبزي ۽ فروٽ مارڪيٽ ۾ نيلامي جي عمل کي به روزاني جي بنياد تي مانيٽر ڪري.ھن پرائس ڪنٽرول عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو روزاني جي بنياد تي مارڪيٽن جو دورو ڪن ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ان موقعي تي واپاري تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون ۽ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.اجلاس ۾ ھيٺين ريت اگھ مقرر ڪيا ويا. دال مسور 270، دال چنا 185، دال مونگ 255، دال مٽر 260، دال ماش 475، ڇولا اڇا سنڌي 280، بيسن 200، چانور (ڇھاسي) 190، چانور ڪائنات 320، چانور سپر سيلا 290، چانور جوهي 300، چانور ايري 125، ميدو 145، سوجي 150، ڳاڙھا مرچ 560، ڌاڻا پيٺل 520، ھيڊ 550، اڇو جيرو 50 گرام 120، ڪارو جيرو 110 روپيا ، کير 180 روپيا، دھي 220، گوشت (وڏو) 750،گوشت (ٻاڪرو) 1400، مڇي (ننڍي) 450،مڇي (ڪلو کان وڏي) 500، مڇي (ٻہ ڪلو کان وڌيڪ) 550 في ڪلو، گڙ 170، برف 6 في ڪلومقرر ڪيا ويا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ