بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

گڏاپ: سائينداد ابراهيم ڳوٺ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چونڊ

سنڌي خبرون 04th Sep 2023 303 مناظر

صدر لاءِ سڪندر علي بليدي ۽ جنرل سيڪريٽري لاء انور علي دايو جي چونڊ

گڏاپ (رپورٽر)سائينداد ابراهيم ڳوٺ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چونڊ ٻن سالن لاء عھديدار چونڊيا ويا جن ۾ صدر لاءِ سڪندر علي بليدي ۽ جنرل سيڪريٽري لاء انور علي دايو کي چونڊيو ويو. تفصيل موجب. ڪراچي سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي چار سائينداد ابراهيم ڳوٺ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چونڊ ڪرائي وئي. جنھن ۾ ٻن سالن لاء عھديدار پڻ چونڊيا ويا جن ۾ سرپرست اعلي محمد ابراهيم برفت. صدر سڪندر علي بليدي. نائب صدر. پرويز علي ميمڻ. نائب صدر. ابراھيم شنواري. جنرل سيڪريٽري. انورعلي دايو. خزانچي. محمد جمن ابڙو. انفارميشن سيڪريٽري. دوست محمد خاصخيلي. ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري. اعجاز علي چنو. آفيس سيڪريٽري. نور لغاري کي چونڊيو ويو. ان موقعي تي چونڊجي آيل عھديدارن صحافين سان ڳالهائيندي چيوته سائينداد ابراهيم ڳوٺ جي فلاح ۽ بھبود لاء ڪم ڪنداسين. ھن ڳوٺ کي ھڪ مثالي ڳوٺ بڻائڻ لاء جدوجھد ڪبي. ھنن چيو ته پنھنجي ڳوٺ کي بنيادي سهولتون ڏيارڻ لاء ھن تڪ جي چونڊيل نمائندن سان رابطو ڪري سيوريج سسٽم. پيئڻ جي صاف پاڻي. گيس ھن ڳوٺ کي ڏيارڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪنداسين۔ ھن ڪاميٽي جوڙڻ جو مقصد ھن ڳوٺ جي ماڻھن سان ڏک ۽ سک ۾ گڏ رھڻ آھي. ھن ڳوٺ ۾ ھر رنگ نسل جا ماڻھو رھن ٿا جن کي گلدستي ۾ گڏ رکيو آھي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ