ملير ويجهو ڳوٺ صالح محمد ۾ جهيڙي دوران 2 ڄڻا قتل، عورت ۽ نينگر سميت 5 زخمي
جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 24 ورهين جو شاهنواز پٽ اشرف نوحاڻي ۽ 26 ورهين جو عزير پٽ صمد لاشاري مارجي ويا
ملير (ڊ ر) شاهه لطيف ٿاڻي جي حد غريب آباد صالح محمد ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ 24 ورهين جو شاهنواز پٽ اشرف نوحاڻي ۽ 26 ورهين جو عزير پٽ صمد لاشاري شامل آهن، جڏهن ته هڪ عورت ۽ ٻارڙي سميت 5 زخمي ٿي پيا زخمين ۾ هڪ عورت 45 ورهين جي لال بي بي زال خير محمد ۽ 12 ورهين جو نينگر اختر پٽ عبدالرحيم، ممتاز، رياض لاشاري ۽ صدام شامل آهن، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ضروري ڪارروائي بعد مارجي ويلن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جڏهن ته زخمي کي طبعي امداد لاءِ جناح اسپتال نيو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او شاهه لطيف ادريس بنگش جو چوڻ هو ته بچت بازار لڳائڻ تان ٻن گروپن جي وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته عورت ۽ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.