ھڱورجا ۾ محفل ميلاد جو اھتمام، وڏي انگ ۾ ماڻھن جي شرڪت
سياسي ۽ سماجي اڳواڻ حاجي محمد حسن مڱڻيجو، علي ڏنو مڱڻيجو ۽ حاڪم علي پاران محفل جو اھتمام ڪيو ويو
ھڱورجا (رپورٽر) ھڱورجا جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ حاجي محمد حسن منڱڻيجو، علي ڏنو منڱڻيجو ۽ حاڪم علي پاران شاندار محفلِ ميلاد جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ بين الاقوامي شهرت رکندڙ نعت خوان انس اينڊ برادران، مولانا مولوي عبدالمالڪ سڪندري، حافظ ملازم حسين چنو، اويس قادري ۽ مختلف شهرن مان آيل نعت خوانن شرڪت ڪري پنهنجي خوبصورت ۽ دلڪش آوازن ۾ نعتون مقبول پيش ڪيون. محفلِ ميلاد دوران نعت خوانن حضور پاڪ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي شان ۽ عظمت ۾ نعتون پڙهي محفل کي روحاني رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. نعتن جي پيشڪش دوران شرڪت ڪندڙ عاشقانِ رسول ﷺ عقيدت ۽ احترام جو اظهار ڪندا رهيا، جڏهن ته محفل ۾ روحاني ماحول قائم رهيو.پروگرام ۾ خيرپور صحافي اتحاد جي چيئرمين رئيس غلام حسين چانگ، شمن راڄپر، ڪائونسلر عزيز ميمڻ، منصور قريشي، استاد عبدالرحيم سهتو، استاد غلام عباس منگي، حسنين راڄپر سميت مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ عاشقانِ رسول ﷺ جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن محفلِ ميلاد جي منتظمين کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته اهڙيون روحاني محفلون محبتِ رسول ﷺ، اسلامي تعليمات ۽ ديني جذبي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. محفل ۾ شرڪت ڪندڙن نعت خوانن جي خوبصورت آواز ۽ عقيدت ڀرين نعتن کي ساراهيو. آخر ۾ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، خوشحالي، امن ۽ مسلمان امت جي ڀلائي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون